نائيجيريا به ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي

news

ابوجا: (خميس 25 مارچ 2021ع) آفريقي ملڪ نائيجيريا به ڪورونا جون 2 ويڪسين تيار ڪري ورتيون آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نائيجيريا حڪومت جي سيڪريٽري بوس مصطفي دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪي سائنسدان ڪورونا وائرس جي خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي مقامي ويڪسين تيار ڪري ورتي آهي.

بوس مصطفي وڌيڪ ٻڌايو ته مقامي طور تي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جا ڪلينيڪل تجربا جاري آهن. ڪلينيڪل تجربا مڪمل ٿيڻ ۽ منظوري سرٽيفڪيٽ حاصل ٿيڻ کان پوءِ مقامي ويڪسين جو استعمال شروع ڪيو ويندو.

هن چيو ته اها ڪاميابي سائنسي ميدان ۾ هڪ نئين  دور جي شروعات ثابت ٿيندي ۽ ان سان ملڪ ۾ طبي صنعت جا حوصلا وڌندا. هن لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته ملڪي محققن سان تعاون ڪن ته جيئن انهن جي حوصله افزائي ٿي سگهي.