بوليويا ۾ فوجي جهاز ڪري تباهه، هڪ فوت، ٻه زخمي

news

بوليويا ۾ هڪ فوجي جهاز گهر مٿان ڪري تباهه ٿي ويو جنهن سبب گهرڌڻين مان هڪ فوت ٿي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب مري ويل ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پائليٽ معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو.

سرڪاري عملدارن موجب حادثي جو شڪار جهاز تربيتي اڏام تي هو پر حادثي جي سبب جي خبر نه پئجي سگهي آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.