ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ ملير پاران سنڌي نوجوانن کي مقامي فيڪٽرين ۾ روزگار نه ملڻ خلاف احتجاج

news

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) قومي عوامي تحريڪ ملير ضلعي طرفان نوجوانن جي روزگار لاءِ ڀينس ڪالوني موڙ کان منزل پمپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا، جن مٿان مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيو، فيڪٽرين مان ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪيو جا نعره لکيل ھيا.

ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ضلعي ملير جي صدر ڪاشف خاصخيلي، سينگار بليدي عمران منڱيڻجو ضمير لغاري، غفور لاکو، ھري رام سنڌي، احسان جمالي ۽ ٻين چيو ته  ملير جي ڪارخانن ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار نٿو ملي هي تحريڪ ملير جي ڪارخانن ۾ آئين، قانون ۽ انساني حقن موجب روزگار ملڻ تائين جاري رکي ويندي، جنھن ۾ اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون، سروي رپورٽ سنڌ ھائي ڪورٽ کان ليبر ڪورٽ تائين پٽيشن داخل ڪيون وينديون.

ھنن چيو ته قومي شاھراهه کان سپرھائي وي تائين ملير ضلعي ۾ 1000 کان وڌيڪ ڪارخانن ۾ سنڌي نوجوان اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونھن جن سان انسان سوز سلوڪ ڪيو پيو وڃي، انھن ڪارخانن جي درن تي مقامي ماڻھن جي ڀرتي بند آھي جا بورڊ لڳل آھن، ان ظلم خلاف سگھاري جدوجھد کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناھي.

ھنن حڪومت کان گھر ڪئي ته ملير جي ڪارخانن مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪري مقامي ماڻھن کي روزگار ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.