ٽنڊو محمد خان ۾ ڇتن ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، وڌيڪ ٻه ٻارڙا ڏاڙهجڻ سبب زخمي

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ ڇتن ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، وڌيڪ 2 ٻارڙا ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيا.

ان سلسلي ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي پير پاڙي ۾ ڇتي ڪتي 5  ورهين جي معصوم نينگري سميا ڌي اصغر پڙهياڙ ۽ 8 ورهين جو معصوم نينگر زين شاهه ولد پٽ نور محمد شاهه  کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي سول اسپتال ۾ ويڪسين لاء آندو ويو.

هوڏانهن پير پاڙي جي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ڇتي ڪتي کي لٺيون ۽ سروٽا هڻي ماري ڇڏيو.

ٽنڊو محمد خان شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن پر ضلعي انتظاميا ڇتن ڪتن کي مارڻ واري مهم هلائڻ جي دعويٰ ڪري ٿي پر عملي طور تي ڇتن ڪتن جو آزار برقرار آهي.