ڏوڪري ڀرسان آءِ بي اي اسڪول وڏي وهڻي ۾ راندين جو ڏھاڙو ملهايو ويو

news

ڏوڪري (رپورٽ: عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ڀرسان آءِ بي اي اسڪول وڏي وهڻي ۾ راندين جو ڏھاڙو ملهايو ويو، شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران راندين جا شاندار مقابلا، رساڪشي، جمپنگ، بيڊمنٽن، ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون کيڏيون ويون.

موهن جو دڙو ڀرسان آءِ بي اي اسڪول وڏي وهڻي جي  انتظاميا پاران اسڪول ۾ راندين جو ڏھاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران راندين جا شاندار مقابلا ڏيکاريا ويا، رساڪشي، جمپنگ، بيڊمنٽن، ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون کيڏيون ويون، ان موقعي تي ثميرا راڄپر، عظميٰ راڄپر، ثمرين راڄپر، فائزه راڄپر، زمان علي جوڻيجو ۽ ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين بيڊمنٽن، رساڪشي سميت مختلف راندين ۾ ڀرپور ۽ شاندار پرفارمنس ڏيکاري انعام حاصل ڪري ورتا.

ان موقعي آء بي اي اسڪول جي مئنيجر اعجاز علي چانڊيو، استاد نعيم الله ڪوريجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ تعليمي نظام بهترين انداز سان هلي رهيو آهي، شاگرد ۽ شاگردياڻيون بهتر نموني تعليم پرائي رهيا آهن، نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرميون جاري آهن، ڇاڪاڻ ته صحتمند معاشري لاءِ رانديون ضروري هو نديون آهن اهوئي سبب آهي جو اسڪول ۾ راندين جو ڏھاڙو ملهايو ويو آهي. راندين ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تمام بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ڪپ شيلڊون ۽ ٻيا انعام حاصل ڪيا آهن.

ان موقعي تي عظميٰ راڄپر، فائزه ثمرين، زمان جوڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسڪول انتظاميا پاران راندين جو ڏھاڙو ملهائڻ وارو عمل تمام بهتر ۽ مثبت قدم آهي. هنن وڌيڪ چيو ته راندين سان شاگردن جي جسماني ۽ شعوري سگھ ۾ اضافو ٿيندو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان رساڪشي، بيڊمنٽن، جمپنگ، ڪرڪيٽ، جهولا جھولڻ سميت مختلف راندين ۾ حصو ورتو آهي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي انعام ملڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.