ٽنڊو محمد خان ۾ مشهور سماجي ورڪر امان زليخان سهتو اسي ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ سماجي ڪمن ۾ مشهور سماجي ورڪر امان زليخان سهتو 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

ٽنڊو محمد خان شهر ۾ يتيم ٻارن جي پالنا مددگار سينٽر جي سربراهه امان زليخان سهتو ڪجھ عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 80 ورهين جي ڄمار ۾ خانگي اسپتال ۾ وفات ڪري ويئي. مرحومه کي سندس ابائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مرحومه علائقي جي اندر يتيم ٻارن جي پالنا سان گڏ سماجي ڪمن ۾ سرگرم عمل رهندي هئي، کيس ٽنڊو محمد خان جي سماجي ورڪر طور الڳ سڃاڻپ هئي، مرحومه علائقي مان ڪائونسلر پڻ چونڊجي هئي، مرحومه پنهنجي پونيَرَ ۾ 5 پٽ 4 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.