ورلڊ ڪپ دوران عمران خلان بغاوت ٿي هئي: جاويد ميانداد

news

ڪراچي: اڳوڻي بيٽسمين جاويد ميانداد ورلڊ ڪپ دوران عمران خلاف بغاوت ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو.

جاويد ميانداد هڪ مقامي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ چيو ته اهم رانديگر پوري ٽورنامينٽ ۾ عمران خان کان خوش نه هئا، نيوزي لينڊ جي خلاف سيمي فائنل کان اڳ بغاوت پيدا ٿي پئي هئي، منهنجي لاءِ ملڪ اهم هو ان ڪري مون پليئرز کي سمجهايو ته عمران خان جي قيادت ۾ راند کي جاري رکو.

جڏهن ان حوالي سان پرڏيهي خابرو اداري جاويد ميانداد سان رابطو ڪيو ته هن تصديق ڪندي چيو ڪافي وقت تائين مون ان راز کي سانڍي رکيو پر جيئن ته انکي ڳالهه جي سڀني کي خبر پئجي وئي ان ڪري اها ڳالهه ڪئي.