گمبٽ ڀرسان ڳوٺ هليا ڀٽي جا رھواسي چار فنڪار اغوا، وارثن پاران تصديق

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ هليا ڀٽي جا رھواسي 4 فنڪار اغوا، وارثن پاران اغوا جي تصديق، اغوا ٿيندڙن ۾ فنڪار دربان ڀٽي، سهيل ڀٽي، اخلاق ڀٽي ۽ مزمل ڀٽي شامل آھن.

ڌاڙيلن محفل تقريب جو چئي ڪشمور جي ڪچي جي ڳوٺ گڏاڻي مان اغوا ڪري ويا آهن. ڌاڙيل ڪار ڊرائيور طفيل ڀٽو کي ساهه جي تڪليف سبب ۽ ڍولڪ نواز انجام علي ڀٽي کي واپس ڇڏي ڏنو،  جن پوئتي وارثن کي اطلاع ڏنو آهي.

صوفي فنڪار راجھن علي ڀٽي ۽ مشھور ڍولڪ نواز اختر علي ڀٽي پڻ ھن اغوا واقعي جي تصديق ڪئي آھي.