حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران جرنلسٽس رائٽس لانگ مارچ جي ڀرپور آجيان ۽ شرڪت ڪرڻ جو اعلان

news

حيدرآباد (پ ر) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران 5 اپريل کان ڪوئٽا کان اسلام آباد تائين اعلانيل جرنلسٽس رائٽس لانگ مارچ  جي حيدرآباد ۾ ڀرپور آجيان ۽ شرڪت ڪرڻ جو اعلان، صالح پٽ جي مقتول صحافي اجئه ڪمار لالواڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي، اختيارين کان مقتول صحافي جي قتل ڪيس جي جاچ کي تيز ڪري ترت قاتلن جي گرفتاري عمل ۾ آڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو.

تفصيل موجب حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو ”جرنلسٽس رائٽس لانگ مارچ“ تيارين جي حوالي سان يونين جي صدر جئه پرڪاش موراڻي جي صدارت هيٺ اڄ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيو, اجلاس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ايف اي سي ميمبر لالا رحمان سمون ۽ پي ايف يو جي، جي اسسٽنٽ سيڪريٽري خالد کوکر خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پي ايف يو جي، جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران سڄي ملڪ جي صحافين جي حقن جي حاصلات ۽ چارٽر آف ڊمانڊ جي منظوري لاءِ 5 اپريل تي ڪوئيٽا کان اسلام آباد پارليامينٽ هائوس تائين جرنلسٽس رائٽس لانگ مارچ ٿي رهيو آهي, جيڪو ڪوئيٽا کان حب, ڪراچي کان حيدرآباد ۽ سکر کان ٿيندو پنهنجي منزل طرف ويندو. لانگ مارچ ۾ سڄي ملڪ جا صحافي شرڪت ڪندا. هن چيو ته هن وقت ميڊيا کي ڪنٽرولڊ ڪيو ويو آهي, اڻ اعلانيل پابنديون مڙهي اظهار جي آزادي جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي, پي ايف يو جي صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن, تحفظ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪندي تاريخي لانگ مارچ ڪرڻ وڃي پئي. هن چيو ته سنڌ ۾ صحافين کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو هڪ نه رڪجندڙ سلسلو شروع ٿي ويو آهي. تازو صالح پٽ سکر جي صحافي اجئه ڪمار کي قتل ڪيو ويو آهي. جنهن جا قاتل اڃا تائين قانون جي گرفت ۾ اچي نه سگهيا آهن, جنهن تي سڄي سنڌ جي صحافين ۾ سخت ڳڻتي آهي, هن چيو ته اختياريون صحافي اجئه ڪمار جي قاتلن کي ترت گرفتار ڪري, قتل ڪيس جي جاچ کي تيز ڪن ۽ جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي مقتول صحافي جي وارثن ۽ صحافي برادري کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ حڪومت سنڌ ۾ صحافين کي مڪمل طور تي تحفظ فراهم ڪرڻ لاء جوڳا قدم کڻي.

پي ايف يو جي، جي اسسٽنٽ سيڪريٽري خالد کوکر چيو ته پي ايف يو جي جو ملڪي تاريخ جو تاريجي لانگ مارچ ٿي رهيو آهي, ڪوئيٽا کان نڪرندڙ لانگ مارچ ملڪ جي چئني صوبن مان مارچ ڪندو اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس سامهون پهچندو, جتي مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو, هن چيو ته اڄ جي دور حڪومت ۾ ميڊيا تي سختيون ڪري آزاد صحافت جي آواز کي دٻايو پيو وڃي, صحافين کي قتل ۽ اغوا ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن, هزارين صحافين کي جبري طور تي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ وڏي پئماني تي صحافين جي پگهارن ۾ ڪٽوتيون ڪري صحافين جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج بڻجي چڪا آهن. جيڪي فيصلائتو لانگ مارچ ڪري رهيا اهن. هن وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ ۾ سنڌ جا صحافي ڀرپور شرڪت ڪندا,

پي ايف يو جي، جي اسسٽنٽ سيڪريٽري خالد کوکر صالح پٽ جي صحافي اجئه ڪمار جي قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اجئه ڪمار جو ناحق خون ڪنهن کي به ڦٻائڻ نه ڏينداسين, شهيد جي خون جي ڦڙي ڦڙي جو قاتلن کان هر صورت ۾ حساب ۽ انصاف وٺنداسين.

پي ايف يو جي، جي اسسٽنٽ سيڪريٽري خالد کوکر مطالبو ڪيو ته اجئه قتل ڪيس جي جاچ جو دائرو وسيع ۽ تيز ڪري فوري جوابدار گرفتار ڪري تڪڙو ڪيس هلائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ايڇ يو جي، جي صدر جئه پرڪاش موراڻي چيو ته ايڇ يو جي لانگ مارچ جون ڀرپور تياريون ڪري رهي آهي. لانگ مارچ قيادت جي حيدرآباد ۾ ڀرپور آجيان ڪرڻ سميت لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندي. هن چيو ته هي صحافين جي حقن جي حاصلات جو تاريخي لانگ مارچ ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جا صحافي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا, اجلاس ۾ پي ايف يو جي, جي 5 اپريل تي ڪوئيٽا کان اسلام آباد تائين اعلانيل لانگ مارچ جون تياريون ۽ ڀرپور نموني سان آجيان ڪرڻ سميت شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن لاء مختلف ڪاميٽيون پڻ قائم ڪيون ويون, جڏهن ته اجلاس ۾ صالح پٽ جي مقتول صحافي اجئه ڪمار جي قتل واري ڪيس ۾ ترت جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ تي سخت ڳڻتيء جو اظهار ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو ته فوري جاچ کي تيز ڪري جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

اجلاس ۾ ايڇ يو جي جي جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، جوائنٽ سيڪريٽري فهيم ٻٻر، خزانچي ڄام فريد لاکو، ايڇ يو جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبرن اقبال ملاح، رمضان شورو، ايڇ يو جي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري منصور مري، سينئر صحافين ارشاد چنا، ظفر هڪڙو، خالد چانڊيو، اعجاز لغاري، ساجد آرائين، عبدالرسول چانڊيو، حسيب ملاح، ڪامران جکرو، نياز وگهيو، فاضل چنا ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.