پيپلزپارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وفاق مھانگائي ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھه به ناهي ڏنو: حاجي امين لاکو

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) پيپلزپارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وفاقي حڪومت عوام کي مھانگائي. بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجھه نه ڏنو آھي، شھيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ جو عظيم ليڊر ھو.

اھڙو اظھار پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي حاجي امين لاکو شھيد ڀٽي جي ورسي جي سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن جا دورا ڪرڻ بعد سندس رھائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

ھن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ جي وڏي پارٽي آھي, شھيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ کي ائٽمي قوت ڏني، ڪنھن به آمر آڏو نه جھڪيو، شھيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي تي پيپلزپارٽي جا جيالا وڌ کان وڌ شرڪت ڪندا.

ان موقعي تي پيپلزپارٽي جو انفارميشن سيڪريٽري ارشاد  ميمڻ ۽ ٻيا موجود ھئا.