مبارڪپور ۾ دڪاندار جو کيسو ڪاٽيندي ٻه بشني ٻارڙا سوگها، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور شھر جي مين اسٽاپ تي اصغر مستوئي جي دڪان تي ٻه ٻارڙا دڪاندار جو کيسو ڪاٽيندي پڪڙجي پيا،  نينگر عبدالله ٻرڙو جي عمر 13 سال ۽ سندس ساٿي نينگر لال محمد ٻرڙو جي عمر 10 سال آهي، جيڪي کيسو ڪاٽيندي پڪڙجي پيا شھرين ٻارڙن کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو. 

مبارڪپور پوليس جو چوڻ هو ته هي نينگر دڪاندار جو کيسو ڪاٽيندي پڪڙيا آھن، هنن جيب ڪترن جو تعلق ميرپور ٻرڙو شھر سان آھي، جيب ڪترن  پڻ پنهجو ڏوھ قبول ڪيو آھي.

 انهن ٻارڙن جو چوڻ هو ته اسان کان غلطي ٿي آھي، اسان کي معاف ڪيو وڃي، ٻيهر اهڙو ڪم نه ڪنداسين. هوڏانهن مبارڪپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي.