ليجنڊ ڪرڪيٽر سچن ٽنڊوالڪر به ڪورونا وائرس جو شڪار

news

نئين دهلي:(ڇنڇر 27 مارچ 2021ع) ڀارت ۾ عالمي وبا ڪورونا  وائرس جا ڪيسز تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ ليجنڊ ڪرڪيٽر سچن ٽنڊوالڪر به  هن وبا جو  شڪار ٿي ويو آهي.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي  اڳوڻي ڪپتان سچن تنڊوالڪر سوشل ميڊيا تي ڪورونا ٽيست هاڪاري اچڻ جي اطلاع ڏيندي ٻڌايو ته معمولي نوعيت جون نشانيون آهن پر گهر جي ٻين سمورن ڀاتين جو ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آيو آهي.

سچن ٽنڊوالڪر وڌيڪ چيو ته پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ڊاڪٽر جي هدايتن تي سموري ضروري پروٽوڪولز تي عمل ڪري رهيو آهيان.

اڳوڻي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز ۽ عوام طرفان جلد صحتيابي جي دعا تي سندن ٿورو به ادا ڪيو.