صبور علي مٿان شادي تقريب دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سخت تنقيد ٿيڻ لڳي

news

ڪراچي: (ڇنڇر 27 مارچ 2021ع)   اداڪاره صبور علي مٿان شادي جي تقريب دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد  جو نشانو بنايو پيو وڃي.

تازو ئي صبور علي جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي دوست عمير قاضي جي مهدي تقريب ۾ ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي. ان وڊيو کي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وڏي انگ ۾ شيئر ڪيو پيو وڃي ۽ ماڻهو صبور علي جي ڊانس جي به تعريف ڪري رهيا آهن. پر سوشل ميڊيا صارفين جيڪي شيون شدت سان نوٽ ڪيون اهي صبور علي ۽ تقريب ۾ موجود ٻين ماڻهن جو ماسڪ نه پائڻ ۽ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ آهي ۽ ان سبب جي ڪري ئي کيس سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.

  هڪ صارف صبور علي سميت ان سمورن فنڪارن تي تنقيد ڪئي جيڪي ڪورونا وبا جي صورتحال ۾ ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏيندا آهن. ميبل نالي عورت لکيو ته جڏهن وزيراعظم پاڻ ڪورونا هاڪاري اچڻ باوجود اجلاس ڪري رهيو آهي ته هنن مٿان شڪايت ڪرڻ نٿو ٺهي.