داد لغاري ويجھو ڪينجھر پتافي ۾ اسڪول اندر آرٽ ۽ سائنسي ميلو لڳايو ويو

news

داد لغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري ويجھو ڪينجھر پتافي ۾ الڪريم پبلڪ اسڪول جي انتظاميا ڪريم بخش پتافي، غالب پتافي ۽ عظيم پتافي طرفان پنھنجي علائقي جي شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ آرٽ ۽ سائنسي ميلو لاڳايو ويو.

ميلي ۾ مختلف شين مان جڳهين سميت مختلف ڪاغذن جون شيون نمائش لاء رکيون ويون، ميلي جو افتتاح سماجي اڳواڻ ميڊيم شائسته کوسو ڪيو.

پروگرام ۾ حنان ڪلوڙ، عثمان سومرو، عبدالقدير، ضمير علي، شفقت لغاري، اسلم لغاري ۽ ٻيا ميلي ۾ خاص مھمان طور شريڪ ٿيا.