سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جو عھدو پيپلزپارٽي جو جمهوري ۽ اخلاقي حق آهي:شازيا مري

news

ڪراچي: مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز ۽ ايم اين اي شازيه عطا مري چيو آهي ته سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف جو عھدو پيپلزپارٽي جو جمهوري ۽ اخلاقي حق آهي. هن چيو ته سيد يوسف رضا گيلاني جو سينيٽ ۾ قائد حزب اختلاف بڻجڻ سان سينيٽ جي وقار ۽ عزت ۾ اضافو ٿيندو.

اهڙن ڳالهين جو اظهار اڄ ھن هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي، شازيه مري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سينيٽ ۾ اپوزيشن جي ميمبرن جي تعداد ۾ واڌ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قائداڻين صلاحيتن ۽ قيادت جي ڪري ممڪن ٿي آهي. جڏهن ته سينيٽ ۾ اپوزيشن جي ميمبرن جي اڪثريت جو تعلق پيپلزپارٽي سان آهي.

شازيه مري وڌيڪ چيو ته اسان پنجاب ۾ سينيٽ اميدوارن جي ڪيل سيٽنگ تي ڪوبه الزام يا تنقيد نه ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽرن ۾ آزاد گروپ جو  حزب اختلاف جو حصو بڻجڻ پي  ڊي ايم جي فتح آهي.