گهوٽڪي ضلعي اندر ڪڻڪ جو لابارو شروع، سرڪاري خريداري سينٽر نه کليا، جي يو آءِ (ف) جو احتجاج

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) ضلعي گهوٽڪي اندر سرڪاري خريداري سينٽر نه کليا، جڏهن ته ضلعي اندر ڪڻڪ جو لابارو شروع ٿي ويو آهي پر ان باوجود ضلعي اندر اڃان تائين سرڪاري خريداري سينٽر ناهن کلي سگهيا.

ان حوالي سان ميرپور ماٿيلو ۾ جي يو آءِ (ف) پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ فوڊ کاتي خلاف ڇتي نعريبازي پُڻ ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي جي يو آءِ (ف) جي ضلعي امير مولانا محمد اسحاق لغاري ۽ ٻين ڪئي.

ان موقعي تي مولانا محمد اسحاق لغاري ۽ ٻين چيو ته ضلعي گهوٽڪي اندر لابارا زور ۽ شور سان جاري آهن پر افسوس جو اڃان تائين فوڊ گدام ناهن کلي سگهيا، جنهن سبب هتان جي آبادگارن کي ڪافي ڌڪ رسيو آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن ضلعي اندر فوڊ جا گدام نه کوليا ويا ته ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻنداسون، جنهن جي ذميواري ضلعي انتظاميه مٿان هوندي.