ڳوٺ پڌريو مورا ۾ مور مرڻ جو سلسلو نه رڪيو، وائلڊ لائف کاتي جي ٽيم پهچي معائنو ڪيو

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نھڙيو) تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ پڌريو مورا ۾ مور مرڻ جو سلسلو نه رڪيو، وڌيڪ هڪ مور مري ويو، مري ويل مورن جو تعداد 14 ٿي ويو، ميڊيا ۾ خبرون نشر ٿيڻ بعد وائلڊ لائف کاتو حرڪت ۾ اچي ڳوٺ پهچي ويو.

خبر موجب نئون ڪوٽ ويجهو تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ پڌريو مورا ۾ مور مرڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو وڌيڪ هڪ مور پراسرار بيماري وگهي مري ويو، ٻن هفتن ۾ مري ويل مورن جو تعداد 14 ٿي ويو.

هوڏانهن ميڊيا ۾ خبرون نشر ٿيڻ بعد وائلڊ لائف کاتي اک پٽي ورتي وائلڊ لائف کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽو مير اعجاز ٽالپر سندس ٽيم سان گڏ ڳوٺ پڌريو مورا پهچي بيمار مورن جي علاج لاءِ ڳوٺاڻن کي دوائون ڏنيون ۽ بيمار مورن جا سيمپل ورتا.

ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪنزرويٽو وائلڊ لائف مير اعجاز ٽالپر ٻڌايو ته مورن ۾ موسمي تبديلين ۽ برڊ فلو جي بيماري جو اثر لڳي ٿو وڌيڪ بيماري معلوم ڪرڻ لاءِ اسان بيمار مور کي کنيو آھي جنهن جا سيمپل ڪراچي اماڻينداسون جتان بيماري جي خبر پوندي.