نئون ديرو ۾ سماجي تنظيم طرفان مفت ايمبولنس ۽ تعليم ڏيڻ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو جي سرڪٽ هائوس ۾ ايم اي ويلفيئر ٽرسٽ پاران نادار ماڻھن جي مدد واسطي مفت ايمبولنس ۽ تعليم ڏيڻ جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو ته ھڪ انسان جي جان بچائڻ انسانيت کي بچائڻ آھي، تعليم جي واڌاري ۽ اسڪالر شپ ذھين ٻارڙن کي ڏيڻ سان نئين ٽھي پيدا ٿيندي، سنڌ سرڪار جو به اهو سلسلو آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ بهتر سهولتون ميسر ڪجن، ڪيتريون ئي اين جي اوز اهو ئي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ سنڌ سرڪار انهن جي ڀرپور مدد ڪندي آهي، اهڙن ڪمن مان ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي فائدو ملندو.

ايم اي ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين محمد علي ابڙو چيو ته تعليم ۽ صحت لاءِ ڪم ڪرڻ جو مقصد انھن شين جو فقدان آھي، ماڻھون پنهنجن پيارن جا لاش گڏهه گاڏي ۽ چنگچي تي کڻي ٿا وڃن، اسان جو مقصد بي سھارا ماڻھن جي مدد ڪرڻ آھي، اسان ان جي ڪري ايمبولنس سروس شروع ڪئي ته هن سروس مان غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي فائدو ڏئي سگهون، ٻيا سرندي وارا ماڻھو به اڳتي ايندا ته جيئن بي پھچ ماڻھن جي مدد ٿي سگهي.

سينئر صحافي رياض ابڙو چيو ته صحافي جو ڪم لکڻ آھي پر محمد علي ويلفيئر ٺاھي آهي ۽ اجتماعي ماڻھن جي لاءِ ڪم ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آھي.

مفتي عبدالرحيم طاهري چيو ته ٻين تي ڀاڙڻ بجاءِ پنھنجي مدد ڪرڻ گهرجي.

اي سي رتو ديرو عبدالواحد چنا خطاب ڪندي چيو ته سرندي وارن کي اهڙن ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي.

ايم آر ڊي جي اڳوڻي ڪنوينر حسين بخش ناريجو چيو ته سياسي ليڊر پئسا ڪمائڻ جي ڪڍ لڳي ويا آھن، رھبرن رھبري ڇڏي آھي ته قومون اٿيون آھن، محمد علي ابڙو کي جس ھجي جنهن هي بهترين قدم کنيو آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر گل بھار ناريجو 50 ھزار روپيا امداد جو اعلان پڻ ڪيو.

ان موقعي تي  ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ٻين مفت ايمبولنس سروس جو افتتاح ڪيو ويو، تقريب ۾ مشتاق ميراڻي، شاھين سنڌي، منظور گل جکرو، غلام نبي چانڊيو، جاويد سولنگي، عبدالقادر اوڍو، نورمحمد سومرو، ارشاد ميراڻي، گل حسن شاهاڻي، عطا محمد چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏھن ته آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ پڻ اوڍايا ويا.