ٽنڊو محمد خان ۾ ڊرينيج جو پائپ ٽٽڻ سب مختلف پاڙا گندي پاڻي هيٺ اچي ويا، انتظاميا ڪن لاٽار بڻيل

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ ڊرينيج جي گٽر لائن جو پائپ اسٽيشن روڊ تي ٽٽي ويو، 100 فٽ کان مٿي پائپ ٽٽڻ جي ڪري مختلف پاڙا گندي پاڻي جي لپيٽ ۾، شهرين جو احتجاج.

خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي ڊرينيج اسڪيم واري اسٽيشن روڊ تي گٽر جي 10 فٽ اوچائي کان مٿي 100 فٽ پائپ لائن زمين ۾ ٽٽي ويو، جنهن ۾ گٽرن جو پاڻي شهر جي آبادي واري علائقي بهراڻي پاڙي ۾ تباهي مچائي شهر کي گندي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، گٽرن جو پاڻي مير پاڙي، نصيرآباد، دولاهه واري پڙ ۽ واپاري مرڪزن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن جي نااهلي جي ڪري گٽرن جو پاڻي شهر جي اڌ انساني آبادي کي متاثر ڪري سندن عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي، اسٽيشن روڊ، ملاڪاتيار روڊ تي ٽريفڪ جو جام ٿيڻ به عوام لاءِ آزار بڻيل آهي، جنهن ۾ علائقي جي چونڊيل عوامي نمائندن ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي نه وري متاثر علائقن ۾ عوام جي پرگهور لاءِ پهچي سگهيا آهن، ضلعي انتظاميه خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن آفيس کي تالا ڏئي پاڻ مرادو لاپتا ٿي ويا آهن، ميونسپل جي صفائي واري عملي متاثر علائقن ۾ گٽر ٽٽڻ جي ڪري علائقي ۾ صفائي جو ڪم به بند ڪري ڇڏيو آهي.

شهر جا رهواسي علائقي جي اندر روڊن رستن تي گٽرن جو پاڻي جمع ٿيڻ ۽ پائپ لائن جو اوچتو ٽٽي وڃڻ تي پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، شهري اتحاد جي اڳواڻ نور حسن کوکر، شعيب احمد ڪيريو ۽ ٻين چيو آهي ته ٽنڊو محمد خان شهر جي گٽر لائن جو ٽٽي وڃڻ بابت اعليٰ اختيارين کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي، پبلڪ هيلٿ جي عملدارن جي نااهلي تي انجنيئر ۽ عملي کي فوري طور معطل ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، شهر جي ٽٽي ويل گٽر جي پائپ لائن کي فوري طور نئين سر لڳايو وڃي، شهر کي تباهي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ شهري روڊن رستن تي اچي ڌرڻا هڻي سراپا احتجاج ڪندا.