ٽنڊو محمد خان ۾ تعويذ بهاني علاج ڪندڙ ٺڳ ناري اغوا ڪري ويو، وارثن جو احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي علائقي گلشن فيز ڪالوني  مان تعويذن ذريعي علاج بهاني 25 سالا شريمتي  انمول کي سندس مرشد نانگن وارو پاران رات جي اونداهي ۾ اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ واري واقعي خلاف شريمتي انمول جي وارثن جمنا، چمن، هري، سوڊا ۽ ٻين احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندي هنن چيو ته اسان جي نينگري بيمار هئي جنهن جي علاج واسطي اسان سائين نانگن واري جاني بروهي کان سندس پڙهائي تعويذن ذريعي علاج ڪرائڻ لاءِ گهرايو جيڪو انمول جو هڪ مهيني تاتين گهر ۾ علاج ڪندو رهندو هو، جنهن بعد هن رات جو اسان جي نينگري کي گهر مان اغوا ڪري ويو آھي، جڏهن ته گهر ۾ پيل روڪ رقم پڻ کڻي ويو.

اهڙي درخواست اسان پوليس اسٽيشن ٽنڊو محمد خان ۾ پڻ ڪئي آھي پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آھي، هنن چيو ته اسان غريب مسڪين پنڻا فقير آهيون پني پنهنجو گذر سفر ڪندا آهيون، اسان پنهنجي نينگري جو اسپتال مان علاج ڪرايو پر به ٺيڪ نه ٿي سگهي جنهن ڪري مجبور ٿي پنهنجي نياڻي جو پڙهائي ذريعي گهر ۾ نانگن واري سائين کان علاج ڪرايو ٿي جيڪو هڪ مهيني تائين گهر اندر علاج ڪندو هو اسان کي ڪابه اهڙي خبر نه هئي ته هو اسان جي نينگري کي اغوا ڪري ويندو.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سميت اعليٰ اختيارين کان شريمتي انمول جي ڳولا ڪري کيس بازياب ڪري ڏيڻ جي اپيل ڪئي آھي.