صبور علي ۽ ياسر حسين جي ڀارتي گيت تي ڊانس واري وڊيو وائرل

news

ڪراچي: (آچر 28 مارچ 2021ع) اداڪاره صبور علي ۽ ياسر حسين جي ڀارتي گيت تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

گذريل ٻن ڏينهن کان اداڪاره صبور علي، ياسر حسين، سجل علي ۽ ٻين فنڪارن جي ويجهي دوست عمير قاضي جي شادي جي تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز پاڪستاني سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آهن. ٻه ڏينهن اڳ عمير قاضي جي مهندي جي تقريب هئي جنهن ۾ ياسر حسين، اقرا عزيز، سجل علي، احد رضا مير، صبور علي، عروه حسين، زارا نور عباس سميت شوبز جي ڪيترن ئي فنڪارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

مهندي جي تقريب ۾ فنڪارن ڊانس ڪيو. جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. پر وڊيو کي وڏي انگ ۾ شيئر ڪيو پيو وڃي. صبور علي ۽ ياسر حسين ڀارتي گيت (عشق هي ديوانه) تي ڊانس ڪرڻ جي وڊيو آهي. هي گيت بالي ووڊ فلم ڪولي نمبر 1 جو آهي ۽ ان کي ورون دهون ۽ ساره خان تي فلمايو ويو هو. هن گيت تي صبور علي ۽ ياسر حسين جي ڊانس ڪرڻ جي وڊيو کي سوشل ميڊيا تي ڪافي پسند ڪيو پيو وڃي. 

واضح رهي ته عمير قاضي جي مهندي واري تقريب ۾ ئي صبور علي کي ڊانس ڪرڻ دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو به بنايو ويو هو.