والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ: وڌيڪ ٻه ڪشميري نوجوان شهيد

news

سري نگر: (آچر 28 مارچ 2021ع) والاريل وادي ۾ قابض فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جي تازين ڪارروائين دوران فائرنگ ڪري وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. قابض فوج ضلعي شوپيان ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پامال ڪيو ۽ گهر گهر تلاشي جي دوران فائرنگ ڪري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو.

واضح رهي ته گذريل هفتي به ڀارتي فوج ضلعي شوپيان ۾ آپريشن دوران 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته هلندڙ مهيني نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران شهيد ٿيندڙ نوجوانن جو انگ 13 کان مٿي ٿي ويو آهي.