شهدادپور ۾ درگاهون بند ڪرڻ خلاف عقيدتمندن جو احتجاج

news

شھدادپور(رپورٽ:سيفل عباس سان)شـــھدادپور ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڪرونا وائرس جو جواز ڄاڻائي دگاھ قلندر لال شھباز سميت سموريون درگاھون بند ڪرڻ واري حڪم خلاف حضرت لال شھباز قلندر جي سوين عقيدمندن مريدن پاران زنوار شيرمحمد قريشي سيد عابد شاھ حبدارخاصخيلي جي اڳواڻي ۾ شھر جي مصطفي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاج ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي ھنن مطابو ڪيو تہ سنڌ جون سموريون درگاھون فوري کوليون وڃن ۽ ڪورونا جو ڊرامو بند ڪيو وڃي ۽ درگاهه لال شھبازقلندر جو ميلو ايس او پيز تحت لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.