شهدادپور: شاهپور چاڪر ۾ گرفتارين خلاف عمراڻي برادري جي ماڻهن جو احتجاج

news

شھدادپور(رپورٽ:سيفل عباس ساند) عمراڻي -خاصخيلي  تڪرار تان هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ گرفتاريون ڪرڻ خلاف شاھپور چاڪر ۾ عمراڻي برادري جي سوين ماڻهن الهيار بس اسٽاپ کان پريس ڪلب شاھپور چاڪر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي عمراڻي برادري جي مظاهرين محمد حنيف عمراڻي، عبدالحڪيم عمراڻي، مير خادم عمراڻي ۽ نور حسين عمراڻي چيو ته اسان جي برادري جي چڱي مڙس زاهد عمراڻي، سندس ڀائرن ۽ برداري جي ماڻهن کي هٿ سان ڦاسايو پيو وڃي،

خاصخيلي جنهن زمين جي مالڪي جي دعوا ڪن پيا ان جو کاتو عمراڻين وٽ آهي پر خاصخيلين کي ڪجھ سياسي ڀوتار استمعال ڪري رهيا آهن .

مظاهرين جوچوڻ آهي ته اسان جي برادري جي بيگناھ ماڻهن خلاف پوليس خاصخيلين جي چوڻ تي رڻ ٻاري ڏنو آهي، ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، ان کي فوري طور بند ڪري بيگناھ ماڻهن کي آزاد ڪيووڃي.

واضح رهي ته ڪجھ ڏينهن پهريان شھدادپور لڳ تعلقہ ٿاڻي ٽنڊوآدم جي حد ڳوٺ ڪڙيو بچل بوداڻي ۾ زمين جي معاملي تان خاصخيلين ۽ عمراڻين وچ ۾ ڇڪتاڻ ھئي جنھن ۾ خاصخيلين جا ٻہ چڻا  مارجي ويا ه.ا ۽ هڪ پوڙهي عورت صدمي ۾ فوت ٿي وئي هئي.