ڏوڪري:سجاڳ ٻار تحريڪ طرفان صائمه جروار جي قاتلن جي آزادي خلاف احتجاج

news

 ڏوڪري(رپورٽ:عبدالجبار ميمڻ)موهن جو دڙو ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ ڏوڪري طرفان ٻارڙن سان وڌندڙ جنسي ڏاڍاين ۽ صائمہ جروار جي قاتلن کي آزاد ڪرڻ خلاف ٽائون هال ڏوڪري کان ناڪه چونڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. 

ريلي جي اڳواڻي ڪندي، فاطمه جلباڻي، حجاب زهرا، لاريب، تسڪين فاطمه، پرهه جلباڻي، مزمل جلباڻي، عباس رضا، امر جليل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٻارڙن سان جنسي ڏاڍاين جو سلسلو روزاني جي بنيادن تي وڌندو پيو وڃي، نه ٻارڙن جي ننڍڙي عمر جو خيال ڪيو پيو وڃي نه ئي قانون جو لحاظ ڪيو پيو وڃي، جنسي بک ٻارڙن جي قتل جي صورت ۾ سامهون اچي رهي آهي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻارڙا نه مدرسن ۾ محفوظ آهن ۽ نه ئي پنهنجي گهٽين ۾ تنهنڪري انسانن جي روپ ۾ حيوانن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ قانون تي عمل ڪرايو وڃي، ٻارڙن صائمہ جروار جي قتل ۽ ڏاڍائي ڪيس ۾ آيل فيصلي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو اڳواڻن جو چوڻ هو ته صائمہ جروار ڪيس جا جوابدار پوليس ۽ ميڊيا اڳيان اعتراف ڪري چڪا آهن ته هنن معصوم ٻارڙي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو پر تنهن باوجود ڪورٽ کين آزاد ڪري ڇڏيو.

احتجاج ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ علي رضا جلباڻي، مجيب جروار، علي ميمڻ ۽ ٻين پڻ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي.