مسوڀرڳڙي ڀرسان واڻڪي وسي ۾ ھندو برادري پاران ھولي جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

news

مسوڀرڳڙي (رپورٽ: پانچورام) مسوڀرڳڙي ڀرسان واڻڪي وسي ۾ ھندو برادري پاران ھولي جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

خبر موجب واڻڪي وسي ۾ ميگھواڙ برادري پاران  ھولي ڏھاڙو  ھڪ ٻئي مٿان رنگ ھاري جوش جذبي سان ملهايو ويو،  ان موقعي تي ميگھواڙ  برادري جا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي ٻار توڙي ٻڍڙن پاران ھولي جي رنگ جي ورکا ڪري خوشي جو اظھار ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنعيا لعل، تاجو مل ۽ انيل ڪمار چيو ته اسان خوش نصيب آهيون اسان جو  ھولي تھوار ۽ مسلمان ڀائرن جي  برات جي رات گڏ آهي، اسان پاڪستان ۾ رھندڙ ھندو مسلمان ڀائرن کي ھولي جون واڌايون ڏيون ٿا. 

ان موقعي تي پانچورام، گرڌاري لعل، چندر ڪمار، فقير چند رميش ڪمار، پرڪاش ڪمار، ڀلو مل سنتوش ڪمار، ڏيون ڪمار، سروپ چند، راجومل، روشن ڪمار، پون ڪمار، امولک رام ۽ ٻيا موجود هئا.