ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي ۾ فٽبال ٽورنامينٽ شروع

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) يوم پاڪستان جي سلسلي ۾ زرعي يونيورسٽي ۾ فٽبال ٽورنامينٽ شروع، افتتاحي ڏينھن تي ٽنڊو محمد خان ۽ شھدا ڪلب ٽنڊوڄام جون ٽيمون ڪامياب.

خبر موجب يوم پاڪستان جي سلسلي ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ فٽبال ٽورنامينٽ شروع تي ويو آھي. ٽورنامينٽ جي افتتاحي ڏينھن تي ٻه ميچون کيڏيون ويون. پھريون ميچ لمس يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ٽنڊو محمد خان وچ ۾ کيڏيو ويو. جيڪو مقرر وقت تائين 2-2 تان برابر رھيو. جنھن بعد ميچ جو فيصلو پينلٽي ڪڪز تي ڪيو ويو.

جنھن ۾ ٽنڊو محمد خان جي ٽيم 4-5 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽورنامينٽ جو ٻيو ميچ شاھين فٽبال ڪلب حيدرآباد ۽ شھدا فٽبال ڪلب ٽنڊوڄام وچ ۾ کيڏيو ويو. جيڪو شھدا ايف سي ٽنڊوڄام 0-1 تان کٽي ورتو.

انھي کان اڳ مھمان خاص گورنر روٽري ڪلب اقبال ميمڻ بال کي ڪڪ ھڻي ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو. جڏھن ته انھي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس گرلز ممتاز ڀٽي، فٽبال جو اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر نعيم خالد، ٽورنامينٽ آرگنائزر انوار حسين خانزادو، افتخار شيرازي، شوڪت سانگي، عمر دستي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.