جيڪب آباد ۾ نينگريءَ سان زنا ۽ ھندو نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدارن جا سياسي اثر رسوخ سبب ٺٺ

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ 9 ورھين جي نينگريءَ سان زنا ۽ ھندو نوجوان کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ ٻنھي جوابدارن جي سياسي اثر رسوخ سبب ٺٺ، بيوس بڻيل جيل انتظاميا ٻنهي قيدين کي علاج بھاني جيل مان اسپتال جي وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو، سڀ سھولتون مليل.

خبر موجب جيڪب آباد ۾ سياسي اثر رسوخ آڏو جيل انتظاميا بيوس بڻجي وئي آهي، 20 ڏينهن اڳ 9 ورھين جي نينگريءَ عارفه سان زنا ڪندڙ جوابدار عباس شاهه ۽ مھينو اڳ ھندو نوجوان مھيش ڪمار کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدار ونيب ڪمار کي سياسي دٻاءُ بعد انتظاميا جيل مان سول اسپتال ۾ قائم جيل وارڊ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

جيل انتظاميا نينگريءَ سان زنا ڪندڙ جوابدار عباس شاهه کي ھفتو ۽ مھيش ڪمار جي قاتل ونيب ڪمار کي ٽي ڏينهن اڳ سول اسپتال ۾ قائم جيل وارڊ منتقل ڪيو، جڏهن ته سياسي اثر رسوخ بعد ٻنھي جوابدارن کي وارڊ ۾ پکو، ٿڌو پاڻي، ھوٽل جي ماني، موبائيل فون استعمال ڪرڻ سميت ٻيون سڀ سھولتون مليل آهن، جڏهن ته ٻئي جوابدار ملاقات بھاني دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ ۾ مصروف ھوندا آهن.

ذريعن موجب ته ٻنھي بااثر جوابدارن کي رات جي وقت گھر به ڇڏيو ويندو آهي، ان سلسلي ۾ سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر انيس سنجراڻي سان رابطو ڪري انتھائي اھم ڪيسن ۾ جيل ۾ قيد ٻنھي جوابدارن کي داخل ڪرڻ بابت پڇيو ويو ته ھن ٻڌايو ته قيدين کي ڊاڪٽرن جي تجويز تي جيل مان سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته زنا جي ڪيس ۾ قيد جوابدار عباس شاهه لاءِ نيورولاجسٽ ۽ قتل ڪيس ۾ قيد جوابدار ونيب ڪمار کي سرجن لکي ڏنو ته انھن کي داخل ڪيو وڃي.

واضح رهي ته جيل ۾ قيد ٿيل ونيب ڪمار مھينو اڳ غريب آباد محله جي نوجوان مھيش ڪمار کي قتل ڪرڻ بعد لاش ساڙيو ھو، اھڙي ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪري چڪو آهي، جڏهن ته جوابدار عباس شاهه 20 ڏينهن اڳ فيملي لائن ۾ 9 ورھين جي نينگريءَ عارفه کي زيادتي جو نشانو بڻايو ھو جنھن جي ميڊيڪل جي ابتدائي رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿي ھئي جنھن بعد ٻنھي جوابدارن کي جيل منتقل ڪيو ويو ھو.