اوڏيرولال اسٽيشن لڳ گهانگهلا ۽ مگسي برادري ۾ جهيڙو، ڇهه ڄڻا زخمي، احتجاج

news

اوڏيرولال (رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ ڪريمداد گهانگهلو ۾ قبرستان جي مالڪي تان گهانگهلا ۽ مگسي برادري وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺين ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب گهانگهلا برادري جا قربان علي گهانگهلو، اعظم علي گهانگهلو، بهادر علي گهانگهلو ۽ غلام محمد شيخ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مگسي برادري جا محمد حنيف مگسي، شاهنواز مگسي به زخمي ٿيا آهن، ٻنهي برادرين جي زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن آندو ويو، جتي فرسٽ ايڊ بعد زخمين کي تعلقه اسپتال مٽياري روانو ڪيو ويو، مگسي برادري تي اين سي داخل، گهانگهلا برادري جو اسلم آزاد، سڪندر علي گهانگهلو، معشوق علي گهانگهلو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مير خان گهانگهلو، شبير خان گهانگهلو، نور احمد گهانگهلو، نظر محمد گهانگهلو ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي الزام هنيو آهي ته مگسي ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن، جيڪي زبردستي اسان جي قبرستان تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هنن چيو ته هاڻ ته مگسي برادري جا ماڻهو اسان کي قبرستان ۾ ماڻهو به دفن ڪرڻ نٿا ڏين.

هنن چيو ته ڪجهه سال اڳ به اسان جي نوجوان قدير گهانگهلو کي قتل ڪيو هو، هنن چيو ته مگسي برادري هاڻ ته اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ڄاڻايل برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن تي قتل، چوري ۽ ڦرن جا پڻ ڪيس داخل آهن.

هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته مگسي برادري جي ظلم کان بچايو وڃي، جيڪي ڪنهن به وقت حملو ڪري اسان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.