وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ جي درخواست حقيقتن جي ابتڙ

news

اسلام آباد: اداڪاره وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ جو چوڻ آهي ته وينا ملڪ پرڏيهي وزارت جي ملي ڀڳت سان سندس ٻارن کي پاڪستان منتقل ڪيو

ادڪاره وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله اسد خٽڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

اسد خٽڪ درخواست ۾ چيو ته دبئي جي عدالت جي حڪم باوجود وينا ملڪ ٻارن کي پاڪستان منتقل ڪيو، وينا ملڪ پرڏيهي وزارت سان ملي ڀڳت ڪري ٻارن کي پاڪستان منتقل ڪيو، منهنجا ٻار آمريڪي شهريت به رکن ٿا.

ٻئي طرف پرڏيهي وزارت اسد خٽڪ جي درخواست کي حقيقت جي ابتڙ سمجهندي عدالت کي گذارش ڪئي ته اسد خٽڪ جي درخواست خارج ڪئي وڃي.

پرڏيهي وزارت عدالت ۾ اسد خٽڪ جي درخواست تي جواب جمع ڪرائيندي چيو ته اسد خٽڪ حقيقتون لڪائيندي تڪراري مواد سان درخواست داخل ڪرائي، وينا ملڪ نادرا جي نائيڪوپ جي ڪاپي دبئي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي ڏني وئي، راولپنڊي جي عدالت کان جاري ڪيل ٻارن جي گارڊينشپ جو سرٽيفيڪيٽ به ڏنو ويو، پاڪستاني قانون موجب ٻارن جو پاسپورٽ جاري ڪيو ويو، پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاسپورٽ جمع ڪرائڻ تي ايمرجنسي سفري دستاويز جاري ڪيا.

عدالت پرڏيهي وزارت جي جمع ڪرايل ڪاپي اسد خٽڪ کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.