وائٽ بال ڪرڪيٽ: مصباح پروتيز جي شڪار لاءِ پرعزم

news

سنچورين:مصباح الحق وائٽ بال سان پروٽيز جي شڪار لاءِ پُرعزم آهي، هن چيو ٻئي سيريز کٽينداسين.

ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي ڪنڊيشنز وائٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ انتهائي بهتر آهي، اسان ون ڊي سيريز کٽي سپر ليگ ۾ پنهنجي پوزيشن بهتر ڪنداسين، ٽي 20 سيريز ۾ ڪاميابي سان ورلڊ ڪپ جي تياري ٿيندي.

هن وڌيڪ چيو ته شروعاتي 2 ميچز ۾ اسان کي پنهنجن بهترين پليئرز جون خدمتون حاصل ٿينديون، آئون اهو نه چوندس ته اسان ٽيون ميچ هارائينداسين ڇو ته اسان وٽ بهتر متبادل موجود آهي، اسن کي ڪو به مسئلو نه ٿيندو.