فيفا پاڪستان فٽبال فيڊريشن مٿان پابندي هڻڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي

news

لاهور: فٽبال جي عالمي تنظيم(فيفا) پاڪستان فٽبال فيڊريشن(پي ايف ايف) تي پابندي هڻڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي.

دنيا جي فٽبال جي گورننگ باڊي فيفا خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پي ايف ايف هيڊڪوارٽرز تان غيرقانوني قبضو ختم نه ڪيو ويو ۽ فيفا جي تسليم ڪيل عهديدارن کي سڀاڻي تائين عمارت تائين پهچ نه ڏني وئي ته پاڪستان فٽبال فيڊريشن کي معطل ڪيو ويندو.

فيفا چيو ته اربع جي شام تائين غيرقانوني قبضو ختم نه ڪيو ويو ته پي ايف ايف پنهنجا سمورا حق وڃائي ويهندو ۽ فيفا جي آرٽيڪل 13 تحت ميمبرشپ رائٽ، نيشنل ۽ ڪلب فٽبال ٽيمز جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت تي پابندي لڳي سگهي ٿي.