ڪنڌڪوٽ پوليس پاران گمبٽ واسي چئن فنڪارن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

news

گمبٽ (رپورٽ: ادريس عباسي) ڪنڌڪوٽ پوليس پاران گمبٽ واسي 4 فنڪارن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ڊي سي ڪنڌڪوٽ وارثن سان رابطو ڪري مغوين جي بازيابي بابت اطلاع ڏنو، وارث پنهنجن پيارن کي وٺڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ روانا ٿي ويا.

خبر موجب ڪنڌڪوٽ پوليس انتظاميا پاران گمبٽ جي ڳوٺ لعل بخش ھليا ڀٽيءَ واسي 4 ڏينهن اڳ محفل ڪرڻ بھاني گھرائي دوکي سان اغوا ٿيل 4 مغوي فنڪارن دربان علي ڀٽي، سھيل ڀٽي، اخلاق ۽ مزمل ڀٽي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ته ڌاڙيل مغوين کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ان دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڌاڙيل چئن ئي مغوين کي چڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مغوين جي وارثن شفقت علي ڀٽي ۽ فنڪار رانجھن علي ڀٽي ٻڌايو ته اسان کي ڊپٽي ڪمشنر ڪنڌڪوٽ ۽ ڪمشنر سکر لاڙڪاڻو شفيق احمد مهيسر رابطو ڪري اھڙو اطلاع ڏنو آهي ته اوھان جا مغوي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي ويا آهن، کين اچي ڪري وٺي وڃو، جنھن بعد اسان پنھنجن بازياب ڪرايل مغوين کي وٺڻ لاءِ وڃي رهيا آھيون، ميڊيا ۽ انتظاميه جا ٿورائتا آهيون جن اسان جي پيارن کي بازياب ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو.

ھوڏانھن مغوين جي بازيابي بابت خبر ملڻ تي سندن وارثن جي گھرن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي.