ٽنڊو محمد خان ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمن جون پائپ لائينون ناڪارا بڻيل، لکن جي آبادي متاثر، انتظاميا پرگهور نه لٿي

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن مان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿيڻ ڪري شھر جي  لکن جي آبادي جي رهواسين لاءِ لڳل پائپ لائينون ناڪارا بڻجي ويون، شهر جي ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتو ضلعي انتظاميا جي عملدارن پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو.

خبر موجب ٽنڊو محمد خان ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر شهر ٽنڊو محمد خان جي 7 لک آبادي واري وڏي شهر جي مک واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن مان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ٽالپر ڪالوني، شوڪت ڪالوني، مشترڪه ڪالوني، بهراڻي پاڙو، مير پاڙو سميت ٻين علائقن اندر پاڻي جي فراهمي لڳ ڀڳ هڪ  مهيني کان نه ملڻ سبب شهري واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي فراهمي کان محرومي جو شڪار آهن، جنهن ۾ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زميني جر جو پاڻي کارو ٿيڻ جي ڪري شهرين جو واٽر سپلاءِ جي اسڪيم مان ملندڙ پاڻي تي گذارو ٿئي ٿو.

پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جي ڪري شهري پنهنجي علائقن مان پاڻي نه ملڻ ڪري ٻين علائقن مان پاڻي پئسن تي خريداري ڪري پاڻي جو استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن.

شهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن جا اڪثر علائقن ۾ پائپ ٽٽي ويا آهن شهر جي نصيرآباد پاڙي مان ايندڙ واٽر سپلاءِ جي اسڪيم جو پاڻي صرف شهر جي مير پاڙي تائين پائپ لائينن جي ٽٽڻ سبب محدود ٿي وڃي ٿو، گذريل مهيني کان مير پاڙي ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيم جو مک فراهمي واري پائپ لائين ڌماڪي سان ٽٽي پئي آهي جنهن ۾ پاڻي جي پريشر ٿيڻ ڪري پاڻي روڊ تي جمع ٿي وڃي ٿو، جنهن مان واٽر سپلاءِ جي اسڪيم واري پائپ لائين گٽر لائين سان ملي ويئي آهي پر ان جي باوجود ضلعي انتظاميه ۽ ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن ان جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، هڪ طرف شهري واٽر سپلاءِ جي اسڪيم واري پاڻي جي فراهمي کان متاثر آهن ته ٻئي طرف گٽرن جو پاڻي پيئڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن جنهن سان وبائي بيمارين ڦهلجڻ جو خدشو آهي.

شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽنڊو محمد خان شهر جي اندر واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن نصيرآباد پاڙي ۽ سخي برهان شاهه جي اسڪيم جي ناڪارا ٿيل پائپ لائينن کي فوري طور تبديل ڪري شهر جي لکين انساني آبادي کي گٽرن جي پاڻي جي استعمال ڪرڻ کان نجات ڏياري بيمارين ۾ مبتلا ٿي حياتيون ضايع ٿيڻ کان کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ضلعي جي سياسي سماجي، ادبي ۽ شهري اڳواڻن شهر اتحاد جي صدر نور حسن کوکر، لالا حسن پٺاڻ ۽ ٻين چيو آهي ته ٽنڊو محمد خان شهر ۾ واٽر سپلاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، شهري زميني جر جو پاڻي کارو ٿيڻ سبب واٽر سپلاءِ پاڻي پيئندا آهن پر اسڪيمن جي خرابي سبب اهو پاڻي به نه ملي رهيو آهي، جنهن جي ڪري شهري سخت پريشان آهن، ٽنڊو محمد خان شهر جي اندر واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن کي ڪيترو ئي عرصو گذري ويو آهي پر اسڪيمن جي بهتري لاءِ چونڊيل عوامي نمائندن ۽ عملدارن ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي جنهن جي ڪري واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون هاڻي پاڻي جي فراهمي لاءِ ناڪارا بڻجي ويون آهن شهر جي مير پاڙي، بهراڻي پاڙي ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن جي اندر واٽر سپلاءِ جون پائپ لائينون ٽٽي ويون آهن پر انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي.

ياد رهي ته ٽنڊو محمد خان جي ملاڪاتيار روڊ تي قائم واٽر سپلاءِ واري اسڪيم گذريل 50 سال کان اڳ قائم ڪئي ويئي هئي جيڪا ورين نئين سر ٺاهڻ لاءِ رٿا بندي ڪرڻ باوجود ان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو آهي، اسڪيم جي لاءِ 1 ارب روپين جو فنڊ مخصوص ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي اسڪيم ڏني ويئي پر مڪاني ادارن واري دور ختم ٿيڻ کانپوءِ 1 ارب روپين واري ان اسڪيم کي صرف ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود رکي ان جو ڪو به ٽينڊر جاري نه ڪيو ويو نه وري ان تي ڪو اڃان تائين ڪم ٿي سگهيو آهي جڏهن ته شهر جي نصيرآباد واري واٽر سپلاءِ اسڪيم کي اڳوڻي ناظمي واري دور ۾ نئين سر ٺاهڻ لاءِ ڦليلي ڪئنال مان پائپ لائين ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻ بجاءِ زمين ۾ پائپ لائينون لڳائي پاڻي جي فراهمي شروع ڪرائي ويئي هئي پر ان جي باوجود ان جي پائپ لائينن کي گذريل 16 سال گذرڻ باوجود وري پائپ لائينن کي اڃان تائين تبديل نه ڪيو ويو آهي، لوهه جي پائپ لائينن کي سوراخ ٿي ويا آهن اڪثر علائقن جي اندر پائپ لائينون ٽٽي ويون آهن جنهن جي ڪري پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيل آهي.