news
ڄامشورو

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جي اسڪالر پاران فائنل ايم فل سيمينار ۾ ٿيسز جو ڪامياب دفاع

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جي اسڪالر ۽ ليڪچرار اسماءَ ڪلهوڙو پنهنجي فائنل ايم فل سيمينار جو ڪاميابيءَ سان دفاع ڪيو آهي.

نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين آفيس ۾ اسڪالر اسماء ڪلهوڙو ”سينسنگ ايپليڪيشنز آف ڪاپر اينڊ ڪاپر آڪسائيڊ نينو اسٽڪچرس“ جي سري هيٺ فائنل ايم فل سيمينار ۾ پنهنجي ٿيسز پيش ڪئي ۽ ان جو ڪامياب دفاع ڪيو.

سيمينار ۾ اسڪالر جو سپروائيزر ڊاڪٽر مراد علي خاصخيلي، معاون سپروائيزر ڊاڪٽر سراج الدين، انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، پروفيسر مظهر عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي اسڪالر ۽ استاد پڻ موجود هئا.