ٽنڊوڄام ۾ سنڌ آئل اينڊ گيس فيلڊ لينڊ اونرس ايسوسيئيشن پاران او جي ڊي سي ايل جي زيادتين ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) سنڌ آئل اينڊ گيس فيلڊ لينڊ اونرس ايسوسيئيشن پاران زمين جو معاوضو نه وڌائڻ، زمين تي پوکيل فصلن جو مارڪيٽ مطابق اگھ نه ملڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ لينڊ اونرس ايسوسيئيشن جي نائب صدر محمد حيات لنڊ، جنرل سيڪريٽري حاجي مرتضيٰ کوسو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حاجي علي نواز ڏاھري، عبدالله شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو عالم آئل فيلڊ جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهري ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.

انھي موقعي تي احتجاج ڪندڙ انتظاميه جي زيادتين خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪندا رھيا، انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته او جي ڊي سي ايل انتظاميه پاران زمين جو چوڏھن سال پراڻو معاوضو ڏنو پيو وڃي، جڏھن ته 2015 ۾ ھر سال معاوضو وڌائڻ جو ليٽر پڻ ڪڍيو ويو ھو پر ان تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي.

ھنن چيو ته او جي ڊي سي ايل انتظاميه پاران آباد زمينن جو معاوضو پڻ تمام گھٽ ڏنو ٿو وڃي، جڏھن ته آباد زمين جو معاوضو پوکيل فصل جي مارڪيٽ اگھ مطابق ڏنو وڃي.

ھنن چيو ته مختلف علائقن مان اربين رپين جو تيل حاصل ڪيو پيو وڃي پر ڪو به ترقياتي ڪم نه پيو ڪيو وڃي.

ھنن چيو ته زمينن جو معاوضو وڌايو وڃي، زميندارن جي اولاد کي او جي ڊي سي ايل ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ زميندارن جا سمورا مسئلا فورن حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.