آءِ سي سي تازي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

news

لاهور:انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي،ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ جي تازي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بيٽنگ رينڪنگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي ٽين پوزيشن برقرار رکي آهي ۽ او ڊي آءِ بالرز رينڪنگ ۾ قومي فاسٽ بالر محمد عامر جو نائون نمبر آهي.

ٽيسٽ بائولنگ ريڪنگ ۾ آسٽريليا جي پيٽ ڪم انز جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته ڀارتي ليگ اسپنر روي چندر اشوين ٻئين، نيوزي لينڊ جو ويگنر ٽين پوزيشن تي آهي.

ٽي ٽوئنٽي بيٽنگ ريڪنگ ۾ انگلينڊ جو ڊيوڊ ميلان پهرين ۽ آسٽريليا جو ايرون فنچ ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي بالزر ريڪنگ ۾ ڏکڻ آفريقا جو تبريز شمسي پهرئين ۽ افغانستان جو راشد خان ٻئين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته آسٽريليا جو ايشٽن ايگر ٽئين نمبر تي آهي.

هڪ ڏينهن جي عالمي ميچز ۾ بالرز رينڪنگ ۾ نيوزي لينڊ جو ٽرينٽ بولٽ پهرين پوزيشن جڏهن ته افغانسان جو مجيب الرحمان ٻين ۽ نيوزي لينڊ جو ميٽ هينري ٽئين نمبر تي اچي ويو.

ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ ريڪنگ ۾ ڪو به پاڪستاني رانديگر ٽاپ ٽين ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو.