ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ غلام سولنگي جي رهواسين جو پٻڻ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ غلام سولنگي جي رھواسين پٻڻ پوليس پاران پورھيت منٺار سولنگي کي گرفتار ڪري، ان خلاف بڪيرا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احمد علي سولنگي، منٺار سولنگي ۽ الھڏنو سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

انھي موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مھينو اڳ پٻڻ پوليس بيگناهه پورھيت منٺار سولنگي کي گرفتار ڪري بڪيرا ٿاڻي حوالي ڪيو، جتي کيس مختلف قسم جي سنگين ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل ڀيڙو ڪيو ويو، جيڪو ھڪ مھينو جيل ڪاٽڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿي آيو آھي.

ھنن چيو ته پٻڻ پوليس ڦر ۽ پوليس مقابلي ۾ ملوث اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ پورھيت منٺار سولنگي کي مزدوري تان واپس ايندي ڳوٺ ڀرسان گرفتار ڪري، ڪوڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آھي.

ھنن چيو ته ڄاڻايل پورهيت منٺار سولنگي سان پٻڻ ٿاڻي جي سولنگي برادري سان ئي تعلق رکندڙ اهلڪارن جا ذاتي اختلاف آھن، جنھن ڪري ھن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي.

ھنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انڪوائري ڪرائي پورھيت کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويندو.