نئون ديرو ڀرسان غريب آباد پاڙي ۾ ڦٽاڪن مان گهر کي باهه لڳي وئي، سمورو سامان سڙي رک

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ ڦٽاڪن مان باهه جا ڀڀڙ مچي ويا، سهڻل ڪڙيو جو گهر سڙي خاڪ ٿي ويو، گھر ڪکاوان هئڻ ڪري باهه تيزيءَ سان پکڙجي وئي.

ڏسندي ئي ڏسندي الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو، جڏھن ته گهر ۾ پيل اناج، هنڌ، کٽون، بيڪو مشين، سميت گهر ۾ پيل الھ تلھ سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويو، فائر برگيڊ جي پهچڻ کان اڳ ئي گهر ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو هيو، جڏھن ته فائر برگيڊ عملي ۽ رهواسين گڏجي باهه کي وڌيڪ ڦھلجڻ کان روڪي باهه تي ضابطو آڻي ورتو، باهه سبب گهر سڙڻ ڪري متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن.

ان موقعي تي متاثر پورهيتن سهڻل ڪڙيو ٻڌايو ته ڦٽاڪن مان اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڪري گهر ۾ پيل سمورو سامان رک ٿي ويو.

هنن چيو ته ڦٽاڪن مان لڳل باهه سبب گهر جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن ڪري کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهيون.

هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان مسڪينن جي سهائتا ڪئي وڃي.