مبارڪپور لڳ ٻه روڊ حادثا، چار ڄڻا زخمي

news

مبارڪپور (رپورٽ: مهر قربان علي) مبارڪپور واسين سان 2  روڊ حادثا، 4 ڄڻا زخمي، مقامي اسپتال داخل.

خبر موجب مبارڪپور واسين سان روڊ حادثا ٿيا، جنهن ۾ ڳوٺ ڪمال مهر جو رهواسي ٽريڪٽر ڊائيور لگزار مهر جيڪو موٽرسائيڪل تي شڪارپور کان پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو هو ته شڪارپور ٺل مين روڊ سومرا ڳوٺ وٽ سامهون ايندڙ ٽرالر کان بچندي کاهي ۾ ڪري پيو، جنهن جي ٻانهن ڀڄي پئي، جنهن کي مبارڪپور جي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جڏهن ته ٻيو حادثو ميرل،  مبارڪپور لنڪ روڊ تي ٿيو جنهن ۾ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا منظور جعفري، دولت جعفري ۽ رسول بخش جعفري زخمي ٿي پيا، جنهن کي ٺل اسپتال نيو ويو.