لمس يونيورسٽي ڄامشورو جي ملازمن پاران مسئلن جي حل لاء ٻئي ڏينهن به احتجاج، ڌرڻو

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ملازمن جي يونين لسوا جي سڏ تي وڏي انگ ۾ ملازمن يونين آفيس کان ريلي ڪڍي ايڊمنسٽريشن بلاڪ (اي سي ٽو) اندر احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ۽ مسئلن جي حل لاء سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن قربان سومرو، سعيد لاشاري، مخدوم اشفاق، اعجاز برفت ۽ ٻين جو چوڻ هو ته لمس ڪالوني ۾ ڪواٽرن جي رپيئرنگ، ملازمن جي اولاد لاءِ پبلڪ اسڪول جو قيا۾ ۽ ٻين يونيورسٽين جيان لمس ملازمن کي به هائوسنگ سوسائٽي ڏيڻ سميت ٻين مسئلن جي حل تائين  احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

احتجاج دوران لمس آفيسر ايسوسيئيشن جو صدر فتح محمد عباسي جي ٽياڪڙي تي  ملازمن اڳواڻن وي سي آفيس ۾ پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرم الدين اڄڻ ۽ رجسٽرار ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا سان ڪامياب ڳالهيون ڪيون ويون , ملازمن کي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏيارو ويو, ڳالهين بعد انتظامي عملدار ملازمن اڳواڻن سان گڏ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ملازمن کي مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

ملازمن پاران چتاءۡ ڏنو ويو آهي ته مسئلا حل نه ڪيا ويا ته وري ٻيهر تحريڪ شروع ڪئي ويندي.