پشاور هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

news

پشاور: (خميس 01 اپريل 2021ع) پشاور هاءِ ڪورٽ وڊيو ايپ ٽڪ ٽاڪ تان پابندي  ختم ڪري ڇڏي آهي. عدالت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن کي هدايت ڪئي آهي ته هو غير اخلاقي مواد کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي.

عدالت حڪم ڏنو ته ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي مواد اپلوڊ نه ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس قيصر رشيد خان ڊي جي پي ٽي اي کان سوال ڪيو  ته هينئر تائين ڪهڙو ايڪشن کنيو ويو آهي؟جنهن تي ڊي جي پي ٽي اي عدالت کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميه سان ٻيهر مسئلي کي اٿاريو آهي ٽڪ ٽاڪ  فوڪل پرسن به هائر ڪيو آهي.

پي ٽي اي طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته جيترو به غير اخلاقي مواد اپلوڊ هوندو ان کي ڏسنداسين. چيف جسٽس چيو ته سٺي ۽ خراب ۾ فرق هجڻ جو نظام هجڻ گهرجي. پي ٽي اي ايڪشن کڻندي ته اهڙيون وڊيوز اپلوڊ نه ٿي سگهنديون. ياد رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ 11 مارچ تي ٽڪ ٽاڪ مٿان پابندي لڳائي هئي.