عثمان مختار شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو

news

لاهور: (خميس 01 اپريل 2021ع) اداڪار عثمان مختار پنهنجي دوست زنيره انعام خان سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو.

گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا سائٽ انسٽاگرام تي عثمان مختار پنهنجي ۽ گهر واري جي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي پنهنجي شادي جي اطلاع ڏني. عثمان مختار پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته زنيره انعام خان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مون کي زمين جو سڀني کان وڌيڪ خوشقسمت انسان بنائي ڇڏيو. مون کي هڪ ڊگهي وقت دوران ڪڏهن به اهڙي خوشي محسوس ناهي ٿي. اوهان خراب وقت ۾ به مون سان گڏ بيٺل رهيو ۽ خوشي جي لمحن کي وڌايو.

عثمان مختار پنهنجي پوسٽ ۾ سڄي دنيا کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ لکيو ته ڊيئر ورلڊ مان اڄ ننڍي تقريب ۾ سماجي وٿين کي برقرار رکندي شادي ڪئي. اسان جي شادي جي تقريب 2 اپريل تي رکي وئي هئي پر پهرين اپريل کان لڳايل لاڪ ڊائون سبب اسان کي شادي جي تقريب اڳ ئي ڪرڻي پئي.