اڏيرولال: ڳوٺ حاجي جمعا خان بلوچ جي پرائمري اسڪول ۾ استادن جي ڳوٺ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

news

اوڏيرولال(رپورٽ:حافظ امتياز علي چنا) اوڏيرولال ڳوٺ حاجي جمعا خان بلوچ جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري رهواسين جو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاجن جو سلسلو  جاري آهي، گذريل ڏينهن به مختلف ڳوٺن جي رهواسين نظير احمد بلوچ، ميان بخش بالادي، سعيد اڪبر بلوچ، مريد بلوچ، شريف بلوچ، علي مراد بلوچ، شهزاد بلوچ ۽ ٻين اسڪول ۾ داخل معصوم شاگردن سميت بند اسڪول اڳيان ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول حيدرآباد ريجن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر غلام سرور ملاح ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر رفيق ملاح خلاف احتجاجي مظاهرو، آفيسرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ مقرر استاد رٽائرڊ ٿيڻ بعد ٻيو استاد مقرر نه پيو ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري گذريل ڪيتري وقت کان اسان جا معصوم ٻار دربدر آهن، اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري ساليانا امتحان ويجها هجڻ ڪري اسڪول ۾ پڙهندڙ  شاگردن جو تعليمي سال پڻ تباهه ٿيڻ جو انديشو آهي.


هنن چيو ته ان معاملي تي اسان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر مٽياري سميت بالا آفيسرن کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اهي هٿ سان اسان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته ايجوڪيشن کاتي جي صوبائي وزير استادن جي بدلين تان به پابندي هٽائي ڇڏي آهي پر مختلف بهانا ڪري اسان جي ٻارن جو تعليمي سال تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. 

ڳوٺاڻن ايجوڪيشن کاتي مٽياري جي اهڙي عمل جو چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم ۽ ڊي سي مٽياري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ته جلد ڳوٺ حاجي جمعا خان بلوچ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري سندن معصوم شاگردن جو تعليمي سال تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ڊي سي مٽياري سميت ايجوڪيشن کاتي مٽياري جي آفيسن اڳيان احتجاجن جو سلسلو شروع ڪنداسين.