سجاول:ڊپٽي ڪمشنر ون پاران سجاول شهر جو اوچتو دورو،دڪانن تي اگهن جو معائنو ڪيو

news

سجاول(رپورٽ:نديم ميمڻ)يڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون رياض حسين لغاري پاران سجاول شهر جو اوچتو دورو ڪري مختلف دڪانن، بيڪرين، ڪيفي، مرغي، ڪريانه ۽ ٻين روز مره جي استعمال وارين شين جي دڪانن جو معائنو ڪيو ۽ غير معياري شين، صفائي سٿرائي ۽ ٻين معاملن تي ڪيترن ئي دڪاندارن تي ڏنڊ پڻ وڌو. 

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض حسين لغاري چيو ته ضلعي ۾ وڌيڪ اگھن ۽ هٿرادو مهانگائي جي خاتمي لاءِ سمورا عملي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن روزمره جي شين جي قيمتن کي عوام جي پهچ تائين رکڻ لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن جو سڌو سنئون ماڻهن کي فائدو پهچي سگهي.

ان موقعي تي بيورو آف سپلاءِ آفيسر سرمد قريشي ۽ ٻيا عملدار پڻ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ هئا.