ڄامشور: بينڪ عملي جي اڍنگي رويي خلاف مهراڻ يونيورسٽي ملازمن جو احتجاج

news

ڄامشورو(رپورٽ:حيات ميراڻي) مهراڻ يونيورسٽي ۾ قائم نجي بينڪ حبيب بينڪ لميٽيڊ مان مهراڻ يونيورسٽي جا ملازم پگهار بابت معلومات وٺڻ پهتا ته بينڪ عملي پاران سندن سان مبينا بدتميزي ڪئي وئي جنهن بعد ملازمن يونين اڳواڻن کي شڪايت ڪئي، شڪايت ملڻ بعد ملازمن جي تنظيم ميوا جو صدر علي محمد شورو، جنرل سيڪريٽري غلام شبير بلوچ، سومر خان رند، هاشم ڏهاڻي ۽ ٻيا بينڪ وٽ پهتا ۽ بينڪ عملي خلاف سخت احتجاج ڪري بينڪ جي سامهون ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ميوا صدر علي محمد شورو, جنرل سيڪريٽر غلام شبير بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته بينڪ عملي جي غلط مينيجمينٽ سبب بينڪ ۾ رش ٿئي ٿي ۽ پوء بعد ۾ بينڪ عملي پاران ملازمن سان غير اخلاقي رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو, اڄ جڏهن ملازم پگهار وٺڻ لاء بينڪ پهتا ته بينڪ عملي پاران ملازمن سان تمام گهڻي بدتميزي ڪئي وئي، هنن چتاءۡ ڏنو آهي ته بينڪ عملي پاران ملازمن جي سهولتن لاء قدم نه کنيا ويا ته مهراڻ يونيورسٽي بوٿ نه کپي تحريڪ هلائي ويندي.

ملازمن پاران ڌرڻي هڻڻ بعد بينڪ مئنيجر پنهنجو عملو ساڻ ڪري ڌرڻي واري هنڌ پهتو ۽ ملازمن کان معافي وٺڻ بعد کين خاطري ڪرائي ته مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن لاءِ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ انتظام ڪيا ويندا ۽ سڀاڻي ملازم اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪري وڌيڪ تجويزون ورتيون وينديون.