افغانستان ۾ روڊ ڪناري لڳل بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، پنج ڄڻا مارجي ويا

news

ڪابل: (جمعو 02 اپريل2021ع) افغانستان جي صوبي هلمند ۾ روڊ ڪناري لڳل بم زوردار ڌماڪي سبب ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغانستان جي صوبي هلمند جي علائقي نشتر گاهه جي مرڪزي روڊ تي ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن اتان کان هڪ گاڏي گذري رهي هئي.

ڌماڪي ۾ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته ان ۾ سوار پنج ئي ڄڻا مارجي ويا جن جي اڃان تائين سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

ٻئي طرف برات جي ضلعي ڪوهنه ۾ به هڪ بس تي بم سان حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 7 عورتون زخمي ٿي پيو جن مان 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.