فيس بڪ تي اچي ويا نوان فيچرز، هاڻ نيوز فيڊ تي ڏسو پنهنجي مرضي جو مواد

news

لنڊن: (جمعو 02 اپريل2021ع) دنيا جي سڀني کان وڏي ۽ مشهور ايپ فيس بڪ صارفين جي لاءِ نيوز فيڊ کي وڌيڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نوان فيچرز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.

هن نون فيچرز جي ذريعي صارف پنهنجي فيڊز الگورتهم رينڪنگ کي بند ڪري سگهن ٿا ۽ نيوز فيڊ تي پنهنجي پسند جو مواد ڏسي سگهن ٿا. ڪمپني طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين فيچرز جي ذريعي صارف ڪمنٽ آڊينس کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا پر هن فيچر جي ذريعي صرف ان آڊيننس کي ڪنترول ڪري سگهبو جنهن کي مينو ۾ چونڊ ڪيو ويو هو.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئين فيچرز جي ذريعي نيوز فيڊ کي ترتيب ڏيڻ ۽ برائوز ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ان سان گڏ ئي صارف نيوز فيڊ تي پنهنجي مرضي جو مواد ڏسي سگهندو. تازو ئي فيس بڪ فيورٽس نالي فيچر متعارف ڪرايو هو جنهن جي ذريعي صارفين پنهنجي دوستن ۽ چونڊيل پيجز جي مواد کي ترجيحي بنياد تي ڏسي سگهندا آهن.

فيورٽس ٽول جي ذريعي ڪوبه صارف 30 دوستن ۽ پيجز کي چونڊ ڪري سگهي ٿو جنهن کان پوءِ ئي ان کي دوستن يا صفحن جون پوسٽون نيوز فيڊ تي سڀني کان پهرين نظر اينديون.