ڪڙيوگهنور:سم نالن جي صفائي نه ٿيڻ ۽ سارين جي فصل تي پابندي خلاف ايس يو پي جو احتجاج

news

ڪڙيو گهنور(رپورٽ:عرفان بخاري)ڪڙيوگهنور ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پهنور جي سڏ تي سم نالن جي کوٽائي نه ٿيڻ خلاف نظاماڻي پيٽرول پمپ کان شهيد فاضل راهو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻون هنيو ويو.

ان موقعي تي ٻين قومپرست پارٽين جسقم (ب) جي آصف نظاماڻي، سوشل ورڪر يوٿ اڳواڻ حسام نظاماڻي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن رتنو مل، ابوبڪر ڪڇي، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ اسماعيل نوتڪاڻي، علي محمد نظاماڻي، نواب خان نظاماڻي سميت ڪيترن ئي شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي امير آزاد پهنور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سم نالن جي گذريل 30 سالن کان نالي ماتر کوٽائي ڪري اربين روپيا کاڌا وڃن ٿا، پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري فصل تباهه ڪري زمينون بنجر ڪيون وڃن ٿيون، هن چيو ته سم نالن جي کوٽائي لاء مليل اربين روپيا هر سال جيان هن سال به اوڳاڙڻ جي نيت ڪئي پئي وڃي، هتان جي ماروئڙن جو گذر سفر چانورن جي فصل تي آهي جنهن تي بندش خلاف تحريڪون هلايون وينديون ڇاڪاڻ ته فصل تي ئي هتان جي هارين ۽ آبادگارن جو گذارو آهي خاموش نه ويهنداسين احتجاجي تحريڪون هلائينداسين، هنن مطالبو ڪيو آهي ته سم نالن جي کوٽائي ڪئي وڃي ۽ سارين جي فصل تان پابندي هٽائي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وسيع ڪيو ويندو.