مورو: مختلف علائقن ۾ ڇتن ڪتن هڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) مورو ۾ مختلف علائقن ۾ ڇتن ڪتن هڪ عورت سميت چئن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو جنهن ۾ ڳوٺ پراڻو گچيرو جو مير حسن ولد ماڻڪ ڀڙدي، ڳوٺ ڀنگر چانڊيو جو دلبر ولد حضور بخش چانڊيو، ڳوٺ درس جي شاهينہ ڌيءَ عبدالرحمٰن، ڳوٺ لنڊو جي منڊم زال حاڪم علي زرداري شامل آھن.

زخمين کي تعلقہ اسپتال مورو آندو ويو آهي جتي ڪتي چڪڻ جي ويڪسين ڪرڻ بعد کين گهرن ڏانھن روانو ڪيو ويو آهي.